SANA’s week-long Convention begins in Houston from Sept 1

سانا جي هيوسٽن ۾ 4 سيپٽيمبر کان ٿيندڙ ڪنوينشن جون تياريون عروج تي

آمريڪا ۽ ڪئناڊا سان گڏ سڄي دنيا مان سنڌي گڏ ٿي پنهنجي سنڌ لاءِ ڪجھ ڪرڻ جو وچن ورجائيندا ۽

تھزيب ۽ تمدن سان پيار جو اظهار ڪندا ۽..ھر سال جيان سنڌي فنڪار سنڌي موسيقيءَ جا سر پڻ وکيريندا

SANA convention

هيوسٽن، آمريڪا (پريس رليز) آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت دنيا جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين پاران هيوسٽن

آمريڪا ۾ 4 سيپٽيمبر کان ٿيندڙ ٽن ڏهاڙن واري سالياني ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءَ جوش ۽ جزبي جي اظهار

ڪيو پيو وڃي. هن سال جي ميڙاڪي ۾ ماهتاب راشدي، نورالهدي شاه، ڊاڪٽر فهميدا حسين، آڪاش

انصاري، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل،ذوالفقار هاليپوٽو، لکو لوهاڻو جهڙن دانشورون ۽ اديبن سان

گڏوگڏ حميرا چنا، شمن ميرالي جهڙا مشهور فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. سانا پاران حسين حقاني،

رضا رومي جهڙن جڳ مشهو دانشورن ۽ سنڌ سان عشق جا نوان رنگ چٽيندڙ آمريڪڻ ايملي هوئز کي پڻ

تفصيل مطابق عالمي سطح تي سنڌين جي مشهور سماجي ۽ ثقافتي تنظيم سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا

(سانا) پاران سنڌين جو هر سال ڪرايو ويندڙ عالمي سطح جو ميڙاڪو ھن سال آمريڪي رياست ٽئڪساس

جي شهر هيوسٽن ۾ ٿي رهيو آهي تنهن جي پروگرامن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. هن سال جو ميڙاڪو 4

سيپٽرمبر کان 6 سيپٽيمبر تائين هيوسٽن جي ويسٽن ميموريل هوٽل ۾ ٿي رهيو آهي جنهن جو ٿيم اچو ته ڪجھ

سانا هيوسٽن ڪنوينشن جي پهرين رات عورتن بابت “عورتن جي سگھ، انسانيت جي سگھ” جي عنوان سان

سيمينار ڪرائڻ سان گڏ سنڌ جي ٿقافتي ڊريسن جو شو رٿيو ويو آهي جڏهن ته ان جي ٻئين ڏهاڙي جي صبح

جو مفت طبي ڪئمپ ۽ ميڊيڪل سيمينار کان پوءِٻن پهرن جو “سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالت” بابت سيمينار

ڪرايو ويندو جنهن جي اسپيڪرس ۾ ماهتاب اڪبر راشدي، ذوالفقار هاليپوٽو، اياز لطيف پليجو ۽ لکو لوهاڻو

شامل هوندا. ان بعد انفارميشن ٽئڪنالوجي بابت اقبال ترين جي نگراني هيٺ سيمينار ٿيندو.ان بعد “ سنڌ جا

قومي حق ۽ ميڍيا جو ڪردار” بابت سيمينار ڪرايو ويندو. ٻئين ڏهاڙِي جي پروگرامن ۾ ادبي ويهڪ پڻ شامل

آهي جنهن کي سنڌ جا سر موڙ شاعر ۽ اديب، نورالهدا شاھ،، ڊاڪٽر فهميده حسين، آڪاش انصاري، مشتاق

ڦل، مختيار سمون، ڊاڪٽر سليم ميمڻ ۽ ٻيا ڳالهائيندا. ان بعد سانا جي نوجوانن بابت نائب صدر بختاور حافظ

هيوسٽن ڪنوينشن جي ٽئين ۽ آخري ڏهاڙي تي صبح جو صحت جي مسئلن خاص طور ٿولھ، سنڌ ۾ ٻارڙن جي

صحت، شگر جي بيماري، دل جي مرض ۾ واڌ ۽ ٻارڙن ۾ ڊپريشن بابت سيمينار رٿيو ويو آهي. منجھند جو رٿيل

سيمينار ۾ حسين حقاني، رضا رومي، سنڌ سان عشق جا نوان رنگ چٽيندڙ انگريزياڻي ايملي هوئز سنڌ بابت

ڳالهائيندا. ان بعد سانا جي جنرل باڊي جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ سانا جو مرڪزي صدر جميل دائودي، جنرل

سيڪريٽري نورالنساءَ گھانگھرو، خزانچي علي حسن ڀٽو ۽ اطلاعات سيڪريٽرشيخ سان گڏ سانا جو ڪئناڊا

بابت نائب صدر مقصود سومرو پنهنجيون ڪارڪردگي رپرورٽون پيش ڪندا، ان موقئي تي سانا جي فيم فنڊ

اسڪالرشپن، تعليم واري منصوبي سنڌ اسڪول سسٽم، فني سکيا واري منصوبي، سنڌ اسڪل ڊولپمينٽ

پروگرام ۽ ٿر ۾ مٺي پاڻيءَ جي منصوبي جا سربراھ پنهنجيون پنهنجيون ڪارڪردگي رپورٽون پيش ڪندا

سانا ڪنوينشنن جي خاص ڳالھ ان جي آخري تقريب هوندي آهي جنهن ۾ هن سال ٻارڙن جا ثقافتي ٽئبلوز،

تقريرن ۽ چٽا ڀيٽي پروگرامن سان گڏ نوجوانن کي سوڀو گيانچنداڻي ايوارڊ ڏنا ويندا جڏهن ته ان موقعي تي سنڌ

جي سڃاڻپ ۽ راڳ جي راڻي سانئڻ عابده پروين کي لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويندو. ان بعد سنڌ جا سر

موڙ راڳي حميراه چنا ۽ شمن ميرالي سان گڏ هيوسٽن جا مقامي فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. سانا

ڪنوينشن کي ڪامياب ڪرڻ خاطر تنظيم جي مرڪزي صدر جميل دائودي، جنرل سيڪريٽري نورالنساءَ

گانگھرو جي نگرانيءُ ۾ هيوسٽن جا رهواسي پنهنجي سرگرم اڳواڻن طلعت ٽالپر، زيب آغا، ڊاڪٽر شيرين

قلباڻي، پير ابراهيم شاھ، معشوق ملاح، نصرت سمون ۽ ٻين جي سربراهيءُ ۾ لوڪل آرگنائيزنگ ڪاميٽي

ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آهي. هن ڪنوينشن لاءَ روايتن مطابق سانا جي آمريڪا واري نائب صدر اعجاز

ميمڻ ۽ معشوق ملاح جي نگرانيءَ هيٺ هڪ خوبصورت سووينئر پڻ ڇپايو ويو آهي جڏهن ته مهمانن خاطر

خوبصورت ۽ يادگاري تحفا پڻ تيار ڪيا ويا آهن. هن ميڙاڪيي ۾ شرڪت لاءَ سنڌين جو جزبو ڏسڻ وٽان آهي.

شرڪت جي خصوصي دعوت ڏني وئي آهي.

ڪيو جي عنوان سان “سانا سنڌ ۾ سھپ ۽ تعليم جي ترقي چاهي ٿي” آهي.

جي نگرانيءَ هيٺ نوجوانن جا پروگرام ۽ رات جو راڳ رنگ جي محفل رٿي وئي آهي.

Leave a comment